آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي، پروفيسر: تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر آمنه خميساڻي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، 14 اپريل 1919ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، 1963ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان واڳيل رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. آمنه خميساڻيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ’سنڌ جي عورت‘، ’ ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘،’اسلام ۾ عورت جو مقام‘ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن، ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ (1) “Drama Between Two World Wars” (2) “Casual Peeps at English Literature” (3) “Sindh‘s Contribution to English” مشھور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ آمنه خميساڻي 1985ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿي. سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جي چونڊ بيتن جو نثر ۾ انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءَ وڏي تعليمي ماهر 12 ڊسمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي.


لفظ آمنه خميساڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.04.16  عيسوي

تعليمي ماھر ۽ استاد ، پروفيسر آمنه خميساڻي ، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾ ، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي ،


2007.12.12  عيسوي

پروفيسر آمنه خميساڻي 12 ڊسمبر 2007ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياءَ الدين احمد عباسي
ڀونگر
جهانگير خان
دادا ڀائي ڦالڪي
جالنڌري حفيظ
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
حڪيم محمد حسن قريشي
جمالي رفيق احمد
شازيه عطا مري
چانڊيو نور احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون